ڪولمبيا جي فوج کاٻي ڌر جي 11 ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو، ڪولمبيا جا ٽي فوجي پڻ مارجي ويا

وڪي اخبار کان

21 نومبر 2006

ڪولمبيا جي فوج کاٻي ڌر جي 11 گوريلا ويڙهاڪن کي مارڻ جي دعوا ڪئي آهي، چيو ويو آهي ته ڪولمبيا جا ٽي فوجي پڻ مارجي ويا آهن.

ذريعن موجب اها ڇتي ويڙهه ملڪ جي ڏاکڻي علائقي جي ڏورانهين جهنگ ۾ ٿي. ياد رهي ته ڪولمبيا جو صدر انهن کي ڪچلڻ لاءِ آمريڪا کان لکين ڊالرن جي مدد وٺي چڪو آهي جڏهن ته اها ويڙهه چاليهن سالن کان جاري آهي.

ذريعا