گذريل سٺ سالن کان سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي سنڌي ترقي نه پر ترقي جي سرڪاري تصور جا مخالف آهن، هلچل اخبار

وڪي اخبار کان

13 نومبر 2006

روزانه هلچل حيدرآباد پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته گذريل سٺ سالن کان سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. سنڌي ترقي جا مخالف نه آهن بلڪه ترقي جي سرڪاري تصور جا مخالف آهن.

اخبار ان جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو ترقيءَ جو منصوبو آهي جڏهن ته سمورن سنڌ واسين جو چوڻ آهي ته اهو منصوبو سنڌ جي پاڻيءَ تي هڪ قسم جو راتاهو آهي.

اخبار ڀنڊار ٻيٽ واري مظاهري جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته سنڌي ماڻهو ان قسم جي ترقي جا مخالف آهن جيڪا سنڌين کي فائدو ڏيڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي جي فائدي لاءِ ٿيندي هجي. سنڌين ڪالهوڪي مظاهري ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اهي ٻيٽن جي مالڪي تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻندا.

وڌيڪ لکيو ويو آهي ته سنڌي اجائي واويلا ڪندڙ نه آهن. انهن کي پنهنجي دشمن ۽ دوست ۽ نقصان توڙي فائدي جي پرک آهي سنڌين کي ترقي جو دشمن سڏڻ واري پروپيگنڊا غلط آهي ڇوته حڪمرانن جي خواهش آهي ته سنڌي اکيون ٻوٽي هر منصوبي تي ها ڪري ڇڏين.

آخر ۾ اخبار حڪومت کي صلاح ڏيندي لکيو آهي ته سنڌ جي اصل وارثن کي اعتماد ۾ وٺندي فيصلا ڪيا وڃن. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته سنڌي ڪنهن به ترقي واري رٿا جي هرگز مخالفت نه ڪندا.

ذريعا