گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڊينگو وائرس سبب ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار، ڪيترائي اسپتال ڀيڙا

وڪي اخبار کان
ڊينگو وائرس

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ خطرناڪ وائرس ڊينگو جي ڪري ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن کي اسپتال آندو ويو آهي جن کي ڊينگو وائرس فيور آهي.

اڻ تصديق ٿيل اطلاعن مطابق 18 کان مٿي ماڻهو ڊينگو وائرس کان متاثر ٿي اجل جو شڪار ٿيا آهن. جڏهن ته اڍائي سو کان مٿي ماڻهو اسپتالن ۾ داخل آهن.

سرڪاري ذريعن مطابق اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. گذريل ڪجهه هفتن دوران مري ويلن جو تعداد 17 ٿي ويو آهي ۽ جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.

ذريعا