گم ٿيل ڪارڪنن جي بازيابي ۽ ٻيٽن جي وڪري خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جو مظاهرو

وڪي اخبار کان

15 ڊسمبر 2006

پاڪستان جي خفيه ايجنسين هٿان گم ٿيل قومي ڪارڪنن ۽ ڪراچي جي ٻيٽن جي وڪري خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ پاران حيدرآباد ۾ مظاهرو ڪيو ويو.

ذريعن مطابق جيئي سنڌ قومي محاذ 14 ڊسمبر کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ اهي سنڌ دشمن منصوبن خلاف نعرا هڻي رهيا هئا.

ان موقعي تي جسقم اڳواڻ شفيع ڪرناڻي چيو ته سنڌي قوم خلاف سازشون رٿيون ويون آهن. سنڌ جا ٻيٽ وفاق پنهنجي ناجائز قبضي هيٺ آندا آهن اسان ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا. جسقم اڳواڻ سنڌ حڪومت جي ان معاملي تي خاموشي جي پڻ نندا ڪئي.

سنڌ جي ٻين شهرن مان پڻ اهڙن احتجاجن جا اطلاع آهن جتي پڻ مظاهرا، جلوس ۽ ڌرڻا هنيا ويا آهن.

ذريعا