”محمد جي باري ۾ سچ“ نالي ڪتاب تي پاڪستان ۾ پابندي، ڪتاب کي پرکيو ئي نه ويو آهي، ڪتاب جو ليکڪ

وڪي اخبار کان

21 ڊسمبر 2006

”محمد جي باري ۾ سچ“ نالي هڪ ڪتاب تي پاڪستان ۾ پابندي وڌي وئي آهي ان جون سموريون ڪاپيون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف ليکڪ رابرٽ اسپينسر چيو آهي ته اصل ۾ ڪتاب کي صحيح طور پرکيو ئي نه ويو آهي.

ذريعن مطابق پاڪستان ۾ ڪتاب جون سموريون اصل توڙي ترجمي واريون ڪاپيون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اهو پڻ چيو ويو آهي ته ڪتاب ۾ اعتراض جوڳو مواد شامل آهي.

ٻئي طرف ڪتاب جي ليکڪ چيو آهي ته ڪتاب ۾ بخاري ۽ مسلم جا حوالا شامل آهن، اصل ۾ ڪتاب کي مڪمل پرکڻ کانسواءِ پابندي وڌي وئي آهي.

ذريعا