”وفاق 91 ٺاهه تي عمل ڪرائي نه سگهيو“ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ لاءِ اڻڌريوآڊيٽر مقرر ڪيو وڃي: عالمي بئنڪ

وڪي اخبار کان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

Cautionخبر ۾ ذريعا يا حوالا ڏنل نه آهن، تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي حوالا ڏئي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو.


عالمي بئنڪ چيو آهي ته وفاقي سرڪار 1991 واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن جي ڪري صوبن جو ان تي اعتماد نه رهيو آهي ۽ صوبن وچ ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي رهي آهي، هاڻي ته صوبا ان ٺاهه کان به وڌيڪ ضمانتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ سان گڏ ٻيون ضمانتون به شامل آهن، بهتر اهو ٿيندو ته ان سلسلي ۾ هڪ بااخيتار آڊيٽر مقرر ڪيو وڃي. عالمي بئنڪ اهڙو اظهار ”سنڌودرياءَ جي پاڻي جو بهتر انتظام” جي عنوان سان جوڙيل پنهنجي رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ نوان ڊيم اڏڻ کان وڌيڪ اهم مسئلو 1991 واري ٺاهه تحت شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ آهي، وفاقي سرڪار ان ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن جي ڪري صوبن وچ ۾ بي اعتمادي وڌي آهي، صوبا ته هاڻي ان ٺاهه کان به وڌيڪ ضمانتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي فراهمي جي ضمانت سان گڏ ٻيون ضمانتون به شامل آهن، عالمي بئنڪ سفارش ڪئي آهي ته ملڪ اندر پاڻي جي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ اڻڌريو ۽ بااختيار آڊيٽر مقرر ڪيو وڃي، جنهن کي ملڪ ۾ موجود پاڻي جي چڪاس لاءِ گهربل سامان به هئڻ گهرجي ۽ هو پاڻي جي ورڇ جي لاءِ دستياب پاڻي جو حساب ڪتاب رکي. عالمي بئنڪ اها به سفارش ڪئي آهي ته وفاقي سرڪار انڊس ڊيلٽا ۾ گهربل پاڻي ڇڏڻ واري پنهنجي فيصلي تي فوري طور عمل ڪري. عالمي بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته سمنڊ کي روڪڻ لاءِ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ وارو معاملو ڊگهي عرصي کان رولڙي جو شڪار آهي، هاڻي وفاقي سرڪار ان فيصلي تي ترت عمل ڪرائي.

ڪراچي: عالمي بئنڪ وفاقي سرڪار کي تجويز ڏني آهي ته نوان ڊيم اڏڻ وقت اهي خدشا به ختم ڪيا وڃن ته نوان ڊيم ٺهڻ سان فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ ان جا ٺيڪا ڪنهن کي ملندا؟، نوان ڊيم اڏڻ وقت نوڪريون ڪنهن کي ملنديون؟، ڊيم جي رائلٽي ڪنهن کي ملندي؟ رائلٽي جي ورڇ ڪيئن ٿيندي؟، پاور هائوسز ڪٿي ٺهندو؟، پاور هائوسز جي رائلٽي ڪنهن کي ملندي؟، ڊيمن جي اڏاوت جي ڪري متاثر ماڻهن کي ڪٿي آباد ڪيو ويندو؟.

ڪراچي: عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان جو آبپاشي نظام تباهه ٿي چڪو آهي، ان جي بحالي تي 60_70 ارب ڊالر گهربل آهن، جڏهن ته پاڪستان جي موجوده انجنيئرن ۽ عملدارن ۾ آبپاشي نظام کي بهتر نموني هلائڻ جي اهليت به ناهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو موجوده نهري نظام مدي خارج ٿي چڪو آهي، ان جي مرمت ۽ بحالي وارو ڪم به ڏاڍو ڏکيو آهي، هڪ ته ان لاءِ 60_70 ارب ڊالر گهرجن، ٻيو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪم ڪندڙ ڪامورا ”اڏيو، نظرانداز ڪريو، وري اڏيو“ واري فلسفي تي عمل ڪري رهيا آهن، مرمتي فنڊ گهڻي ڀاڱي ڪامورن جي کيسن ۾ هليا وڃن ٿا، اهڙن ڪامورن جي ڪامورن جي ڪارڪردگي سطحي آهي، ٻيو ته آبادگار به مرمت لاءِ رقم ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.