صلاحون ۽ مشورا

وڪي اخبار کان
(Suggestions کان ريڊائريڪٽ)

اوهان جون تجويزون ۽ رايا هن سنڌي پروجيڪٽ لاءِ سڀ کان مقدم آهن، مهرباني ڪري مٿي موجود ”ايڊٽ“ تي ڪلڪ ڪري پروجيڪٽ جي بهتريءَ لاءِ تجويزون ڏيو.


راءِ لکڻ کان پوءِ

  • جيڪڏهن اوهان هن سائٽ جا ميمبر آهيو ته:

آخر ۾ چار ”ٽائيڊس“ (~~~~) جا نشان ضرور لڳايو.

  • جيڪڏهن اوهان هن سائٽ جا ميمبر نه آهيو ته:

آخر ۾ پنهنجو نالو، شهر ۽ اي ميل لکي ڇڏيو.


سنڌي ڀائرن جي لاءِ هي هڪ واقعي ساراهه جوڳي ڪاوش آهي. دعا آهي ته سنڌي وڪي اخبار وڌ کان وڌ ترقي ڪري....

هڪ گذارش آهي ته سنڌي وڪي اخبار جو جيڪو فونٽ آهي اُهو تبديل ڪري انهيءَ جي جڳهه تي ايم بي لطيفي استعمال ڪيو وڃي. ان جا ٻه ڪارڻ آهن. هڪ ته اسان کي گھرجي ته نج سنڌي رسم الخط واري سنڌي فونٽ کي ترقي وٺرايون ۽ وڌ ۾ وڌ ويب سائيٽن ۾ هُن کي استعمال ڪري انهن سنڌي فونٽن کي ترقي وٺرايون. بيو ته ايم بي لطيفي هاڻي ايترو ته عام ٿي چڪو آهي جو تقريبن گھڻن سنڌين وٽ پهرين کان موجود هوندو. باقي جنن وٽ نه هوندو ته اُهي هتان ڊائون لوڊ ڪري سگھندا.

هڪ ٻي گذارش ته ايڊٽنگ ٽيڪسٽ باڪس جو جيڪو فونٽ آهي اُهو به ايم بي لطيفي سيٽ ڪري ڇڏيو....

اڃان به هڪڙي گذارش آهي... يا سوال ئي سمجھو....ته اسين جيڪڏهن پنهنجو ڪو حالاتِ حاضره تي موجود مضمون هتي ڏيڻ چاهيون ته اِهو ڪٿي پوسٽ ڪريون. وڏي مهرباني جيئي سنڌ

  • وائيس آف سنڌ

وائيس آف سنڌ !

سڀ کان پهرين ڀليڪار ۽ مهرباني جو اوهان ميمبر ٿيا ۽ مشورا پڻ ڏنا

اسان اوهان جون ڳالهيون غور سان پڙهيون آهن. اسان به چاهيون ٿا ته هتي اهڙا سنڌي فونٽ استعمال ڪيا وڃن جن ذريعي شاه لطيف جي شاعري جهڙي پيچيده ڪم کي پڻ آساني سان لکي ۽ نشانيون وغيره ڏيئي سگهجن. پر ان لاءِ ڪجهه ٽيڪنيڪل ڏکيائيون آهن. هي فونٽ جناب ماجد ڀرڳڙيءَ سان مشوري کان پوءِ استعمال ڪيو ويو آهي. ان جا ڪجهه ڪارڻ مان هتي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.

1. هيترا ننڍا اکر ڪنهن به ٻئي فونٽ ذريعي درست نٿا نظر اچن.

2. ٻين فونٽن ۾ جيئن ايم بي لطيفي وغيره، اهي اکر 4 سائز ۾ درست نظر اچن ٿا تڏهن اهي مهيا ٿيل سافٽ ويئر کي بگاڙي ڇڏين ٿا ۽ مٿي موجود لوگو توڙي ٻيا اکر ٽڙي پکڙي خراب ٿي وڃن ٿا.

3. ٽاهوما فونٽ 2 سائز ۾ به شاندار رزلٽ ڏئي ٿو ۽ اهو ايڪس پي ۾ اڳ ئي لڳل هوندو آهي. ان کي ونڊو 98 تي پڻ آساني سان ننڍن اکرن ۾ پڙهي سگهجي ٿو.

ها جيڪڏهن اهڙي قسم جا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ انشاالله ضرور حل ٿيندا ته پوءِ اهو فونٽ استعمال ڪيو ويندو. ان وقت تائين مجبوري آهي.

اوهان جو ٻيو سوال اهو آهي ته اوهان مضمون لکڻ چاهيو ٿا. بيشڪ ادا حالاتِ حاضره تي مضمون لکو ۽ هتي پوسٽ ڪريو. اوهان معروف شخصيتن کان انٽرويو ڪري فوٽن سميت به هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ هيٺين ڳالهين تي عمل ڪريو.

1. پهرين صفحي تي موجود باڪس ۾ پنهنجي مضمون جو سرو يا عنوان هن طرح لکو:

ماضيءَ جي سنڌ ۽ اسان جو مستقبل، تحرير: الف ب ت

2. جڏهن اوهان ان انداز سان سرو يا عنوان لکي ”ڪرئيٽ آرٽيڪل“ تي ڪلڪ ڪندا ته اوهان کي نئون ايڊٽ باڪس مهيا ٿي ويندو. ان ۾ سمورو مضمون جو مواد پنهنجي نالي کان سواءِ پوسٽ ڪري ڇڏيو، ڇو ته نالو اڳ ۾ ئي عنوان ۾ موجود هوندو.

3. جيڪڏهن مضمون افاديت وارو هوندو ته ان کي ”تحفظ“ مهيا ڪيو ويندو.

منهنجي خيال ۾ اوهان سمجهي ويا هوندا. جيڪڏهن اڃا به ڪا ڳالهه رهجي وئي هجي ته اسان حاضر آهيون. اميد ته پنهنجي حصيداري ضرور ڪندا ۽ دوستن کي پڻ اسان جي طرفان اهڙي گذارش ڪندا.

Zafar 18:55, 10 نومبر 2006 (UTC)


مدد واري مواد کي آسان انداز سان لکيو وڃي.

  • علي حيدر، مورو

هر شهر جي صحافين سان خبرن لاءِ رابطو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي پابند بڻائڻ گهرجي ته هو روزانو خبرون موڪلين .

  • سعيد سنڌي جيڪب آباد

مان سعيد جي ڳالهه سان متفق آهيان پر ان کي بدلائي ٿورو هيئن چوڻ چاهيندس ته هر ضلعي، تعلقي، شهر توڙي ڳوٺ ۾ وڪي اخبار جا نمائندا هجڻ گهرجن جيڪي وقت تي خبرون لکن. ها ايترو ضرور آهي ته انهن جي ڪانه ڪا سڄاڻپ هجڻ گهرجي جيئن هتان جا سينئر ميمبر ان جي ساک کڻن يا اهو خودساخته نمائندو نگراني هيٺ هجي، ٻي صورت ۾ ان ڳالهه جي ضمانت ڪير ڏيندو ته خبر سچي آهي يا ڪوڙي.


جنهن کي مدد جو مواد سڏيو ويو آهي اهو سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙو آهي، مهرباني ڪري اهڙي طرح مواد ترتيب ڏيو جو اسان کي سمجهه ۾ اچي سگهي ته خبر ڪيئن لڳايون؟

  • Hyder 00:05, 14 آڪٽوبر 2006 (UTC)

تصويرون اپ لوڊ نٿيون ٿين

مون جڏهن تجرباتي طور خبر لڳائڻ چاهي ۽ ان ۾ تصوير ڏيڻ لڳس ته اها اپ لوڊ نه پئي ٿي. مان ميمبر به ٿيس تڏهن به مان تصوير اپ لوڊ نه ڪري سگهيس. اهو وڪي ڪامن ڇا آهي آهي ڇا اتي به ميمبر ٿيڻو پوندو. مان ڪهڙي طريقي سان تصويرن سميت خبرون ڏئي سگهان ٿو؟ مون کي گائيڊ ڪندا.

Azazsindhu 09:48, 3 نومبر 2006 (UTC)

  • ڀائڙا! اوهان جي ڳالهه صحيح آهي تصويرن جي اجازت هن سنڌي پروجيڪٽ ۾ في الحال نه آهي. اوهان خبرون ڪامن تي اپ لوڊ ڪري پوءِ هتي ڏئي سگهو ٿا جيئن اڳ ۾ موجود خبرن ۾ تصويرون ڏنل آهن. خاص طور پورٽل صفحن ۾. ها اوهان کي اُتي اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ نئون اڪائونٽ ٺاهڻو پوندو.

ظفر 19:58, 3 نومبر 2006 (UTC)


MOON KHEY TAMAM KHUSHI THI HIN AKHBAR KHEY PARHI

Kabir 11:37, 8 نومبر 2006 (UTC)

محترم ڪبير! اوهان ته سمورو مواد ڊاهي پنهنجي هڪ سِٽ رکي ڇڏي هئي. جڏهن ته اوهان کي هن مواد جي هيٺان يا ڪٿي به صرف پنهنجي راءِ يا جيڪو ڪجهه اوهان لکڻ چاهيو ٿي لکي سگهو پيا. اوهان کي سمورو مواد نه ڊاهڻ کپي ها. بهرحال خير آهي. سنڌي وڪي اخبار ۾ اوهان کي ڀليڪار. اميد ته سائٽ جي وزٽ ڪندا رهندا.

Zafar 18:44, 8 نومبر 2006 (UTC)


مون کي اها خبر پڙهي افسوس ٿيو ته سنڌ جي زمين رينجرز کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي اها ڦرلٽ ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر ڏک رڳو ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته اسان جون قومپرست پارٽيون خاموش ويٺيون آهن.

منٺار سومرو 06:39, 14 آڪٽوبر 2006 (UTC)


ليکڪ (مثال لاءِ ايڊٽ ۾ سيٽنگ ڏسو)

”زنا باالجبر“ جو حدود آرڊيننس سان ڪو تعلق ئي ڪونهي. ”زنا باالجبر“ حدود آرڊيننس جي زمري ۾ ايندڙ ڏوهه کان به وڌيڪ آهي. اهو ته ٻٽو جرم آهي. اهو زنا سان گڏ زبردستي به آهي ۽ جيئن ٻئي ڪا زبردستي ٿيندي آ، ان وانگر ڊيل ڪيو وڃي، ان جي تشريح ڪرڻ يا ان جي سزا تجويز ڪرڻ ۽ طئي ڪرڻ ته جدا ڳالهه آهي ۽ اها رياست جي ذميواري آهي. ان لاءِ مزيد قانون سازي ٿئي يا عدالتون نوٽيس وٺن. حڪومت خواه مخواهه عوام کي دين سان پئي وچڙائي ۽ بدزن ڪري. حڪومت زنا ختم نه ٿي ڪرائي سا زنا باالجبر ڪٿان ختم ڪرائيندي؟ اها حڪومت جي بدنيتي آهي.


اوهان جو تجربو بهتر آهي

پيارا ستار! مٿيون مضمون مون ڊاهيو آهي ڇاڪاڻ ته هي تجربيگاهه آهي، تجربو بهتر آهي، بنيادي طور ”وڪي اخبار“ خبرن پوسٽ ڪرڻ لاءِ آهي پر جيڪڏهن اوهان پنهنجو ڪو مضمون ڏيڻ چاهيو ٿا سو به پنهنجي نالي سميت ته پوءِ اوهان کي تجزياتي مضمون لکڻو پوندو سو به اهڙي موضوع تي جيڪي هن سائٽ تي خبرن جي صورت ۾ اچي چڪا هجن، اهڙي طرح اوهان کي ان جا حوالا پڻ شامل ڪرڻا پوندا. ان لاءِ اوهان مين پيج تي موجود باڪس ۾ عنوان هن طرح لکي شروعات ڪري سگهو ٿا.

حدود آرڊينينس ۽ پاڪستان سرڪار، تحرير: ستار زنگيجو

غلطين جو خير آهي اهي پوءِ به سڌاري سگهجن ٿيون اهم ڳالهه آهي شروعات ڪرڻ اميد ته حصيداري ڪندا. وڌيڪ سيٽنگ جون درستگيون مان پاڻهي ڪري ڇڏيندس. اوهان اڃا رجسٽر نه آهيو سائٽ ۾ رجسٽر ٿيو پوءِ اوهان جو يوزر نيم چار ٽائيڊ لڳائڻ سان پاڻهي اچي ويندو جيئن منهنجو آيو آهي. Zafar 08:15, 6 آڪٽوبر 2006 (UTC)


سلام سنڌ... وڪي نيوز تمام سٺو پيج آهي Xx pp zz 17:23, 20 سيپٽمبر 2006 (UTC)

سائين! اوهان ڪجهه به حصيداري نه ڪئي آهي. اوهان کي عرض آهي ته ڪم جي شروعات ڪريو پوءِ جهڙو به ڪري سگهو ته اسان کي خوشي ٿيندي. Saleemsoomro 17:28, 20 سيپٽمبر 2006 (UTC)


I want to know about this page please give me instruction about it Sajid 17:39, 20 سيپٽمبر 2006 (UTC)

دوستو اميد ته خوش هوندا، هي ڪم ساراه لائق آهي. مون هن سائٽ جا تاريخوار صفحا ڏٺا شايد توهان اهو ڪم تازو شروع ڪيو آهي. اميد ته قافلو هلندو رهندو.

لاٽ ٻرندي رهي، ساٿ هلندو رهي.

آفاق حيدر 21:54, 21 آڪٽوبر 2006 (UTC)

ادا آفاق! اميد ته سائٽ تي ايندا رهندا ۽ خبرن جي سلسلي ۾ اسان جي مدد پڻ ڪندا.

Zafar 23:08, 22 آڪٽوبر 2006 (UTC)

سنڌ لاءِ هڪ بهتر قدم آهي

اسان سڀني سنڌين کي هن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي نه ته اسان سنڌي هميشه دنيا جي ٻين ٻولين ۽ اردو وغيره کان به پٺتي رهنداسين. منهنجي دوستن کي صلاح آهي ته هن پروجيڪٽ تي ڪم ڪريو ۽ ٻين دوستن کي به همٿايو ته هتي گڏجي ڪم ڪن. اوهان جو پنهنجو: Sahilshad 21:42, 21 سيپٽمبر 2006 (UTC)

سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هڪ بهتر قدم

جنهن به دوست هن آزاد اداري جي ڪوشش ڪئي سا بهتر آهي پر خبرون موڪلڻ جو طريقي ڪار سمجهائڻ لاءِ ويب سائيٽ تي مواد ڏيڻ کپي مان هڪ صحافي آهيان مان چاهيان ٿو ته هن آزاد اداري ۾ خبرون موڪليان . مهرباني ڪري مڪمل خبرون موڪلڻ جو طريقي ڪار سمجهائيندا ته جيئن مان روزاني خبرون موڪلي سگهان .

سعيد سنڌي جيڪب آباد سنڌ Saeedsoomro786@yahoo.com Sisoomro@hotmail.com

ادا مان ڪوشش ڪندس ته اوهان ڏي جدا اي ميل ڪريان، خبرون موڪلڻ جي ضرورت نه آهي پر اوهان سڌي طرح هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا جيئن اوهان پنهنجا مٿيان اکر پوسٽ ڪيا آهن ائين مرڪزي صفحي تي وڃي خبر جو عنوان لکي خبر پوسٽ ڪريو ان ۾ ڪا غلطي هوندي ته نشاندهي ڪبي اميد ته اوهان حصيداري ڪندا رهندا. اوهان جو هڪ ساٿي. Zafar 01:15, 8 آڪٽوبر 2006 (UTC)

I like the site and Sindhi news, I am with you

Sajadali 23:27, 25 آڪٽوبر 2006 (UTC)

I appriciate

Hi I am Ambreen Khaskhelly from Sindh that work of wiki newspaper is brillent and I appriciate that kind of works and hard working of Editor

Signed in date

(فرق) (تاريخوار) . . تجربيگاه‏; 11:58 . . 202.83.175.50 (Talk | روڪ)

مان پهريون ڀيرو هن سائٽ تي آيو آهيان

بهترين سائٽ آهي خبرون پڻ تازيون توانيون ملن ٿيون، ڀلا اسان کي به ٻڌايو ته هتي ڪيئن حصو وٺي سگهجي ٿو. لڳي ٿو ڪافي مشڪل آهي مون ڪجهه خبرون کولي انهن کي ايڊٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر لڳو ته ڪم ڏکيو آهي. ڀلا اسان پنهنجون اکين ڏٺل خبرون به موڪلي سگهون ٿا يا نه؟

اوهان جو پنهنجو Shabaz 10:07, 21 آڪٽوبر 2006 (UTC)

  • ادا شهباز! ڀليڪار، هي ڪم ڏکيو بلڪل نه آهي اوهان جيئن هن صفحي تي لکيو آهي بلڪل ساڳي طرح ”پهرين صفحي“ تي موجود باڪس ۾ پنهنجي خبر جو عنوان لکي اها خبر لکي سگهو ٿا. بس وڌيڪ ايترو ڪرڻو پوندو ته اوهان کي اُتي ذريعا لکڻا پوندا جتان اوهان خبر کنئي هوندي. جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي ته ان جو خير آهي ان کي پوءِ به سُڌاري سگهجي ٿو.

Zafar 23:13, 22 آڪٽوبر 2006 (UTC)

سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو!

سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو!

سهندو ڪير ميار.او يار!

سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو!

جهولَ جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ

ڪرندا ڪنڌ هزار. اويار!

سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو!

نيٺ وڍيندڙ وڍجي ويندا.

ڪنبدي نيٺ ڪٽار، او يار!

سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو!

نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي،

دوکي جي ديوار، او يار!

سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو!

گھڙا کڻي گھڙينديون، سوَ سهڻيون،

مرندا سو ميهار، او يار!

سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو!

سِرَ جي سَين هڻي ڏس چارَڻَ

ٻيجلُ ٿي ٻيهارَ او يار! سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو!

  • وسيم جمالي waseem@jamali4u.com


  • ادا وسيم جمالي صاحب! اوهان کي عرض آهي ته مهرباني ڪري ميمبر ٿيو ۽ اوهان کي سنڌي لکڻ اچي ٿي مهرباني ڪري خبرن لکڻ ۾ اسان جي مدد پڻ ڪندا.

Zafar 05:34, 28 آڪٽوبر 2006 (UTC)

  • ادا مون کي به سنڌي لکڻ نه ايندي آهي پر مان هن پيج جي مدد سان لکيو آهي اهو پيج سڀني جي مدد ڪندو. Sindhi Writer Help

اسين پاڻ سنڌي ڊڪشنري ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، ڊڪشنري جو ڪوڊ ته مڪمل ٿي ويو آهي پر اسان کي سنڌي لفظن جي ضرورت آهي، پر اهو تمام مشڪل آهي ٿي سگهي ٿو ته اهو زندگي جو ارمان رهجي وڃي.

Sindhi To English English To Sindhi هي مڪمل ناهي، پر دل چوي ٿي هڪ ڏينهن ضرور پوري ٿيندي، هڪ خواب آهي هڪ ساڙ آهي، هر زبان جي ڊڪشنري آهي پر اسان جي ڇو ناهي.

  • وسيم جمالي waseem@jamali4u.com
  • ادا وسيم! اوهان جي محنت جس لهڻي، نااميد نه ٿيو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ايندڙ وقت شاندار هوندو ڇاڪاڻ ته تمام گهڻا نوجوان دوست ان تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ مون کي يقين آهي ته اوهان جا سمورا ارمان پورا ٿيندا ۽ سنڌي ڊڪشنري هڪ ڏينهن ضرور تيار ٿي ويندي.
  • Zafar 12:12, 26 ڊسمبر 2006 (UTC)

دوستن جي محنتن کي سلام

انهن دوستن جي محنتن کي منهنجا سلام جيڪي هن ويب سائٽ کي هلائين پيا، ڇاڪاڻ ته اسان کي سنڌ سميت دنيا جون تازيون خبرون انٽرنيٽ تي سنڌيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ملي وڃن ٿيون.

Ashraf 00:31, 27 نومبر 2006 (UTC)

سائين مون کي ٿورو گائيڊ ڪيو

سائين ظفر، مون قائدعوام يونيورسٽي مان بي اي ڪئي آهي. اتي دوستن مون کي ٻڌايو ته سنڌي خبرن لاءِ هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ هر ڪو پنهنجي علائقي جون خبرون ڏئي سگهي ٿو. ڇا مان ان ڪم ۾ اوهان جو هٿ ونڊائي سگهان ٿو. يا ان جي لاءِ ڪجهه خاص ڪرڻو پوندو؟ مان اصل ۾ ڪنڊياري شهر جو آهيان ۽ مان چاهيان ٿو ته اتان جون خبرون هتي روزانه ڏيان. مون کي تفصيل سان ٻڌايو ته اهي خبرون اوهان دوستن کي ڪيئن اماڻيان. مهرباني.

Azazsindhu 09:39, 3 نومبر 2006 (UTC)


سنڌو! سنڌي وڪي اخبار تي اوهان کي ڀليڪار چئجي ٿو.

اچو ته گڏجي هن پروجيڪٽ کي سنواريون ۽ وڌايون. اوهان ۾ اميد آهي ته اوهان پنهنجي علائقي جون خبرون ضرور پوسٽ ڪندا. جيڪڏهن اوهان چاهيو ته عالمي توڙي علاقائي خبرون انٽرنيٽ تان انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري پڻ ڏئي سگهو ٿا. خبرون تازيون هجڻ گهرجن. اميد ته دوستن کي به اهڙي گذارش ڪندا.

ظفر 19:53, 3 نومبر 2006 (UTC)


پاڪستان جا حڪمران خاص طرح پنجاب پرست ۽ سنڌ دشمن جي اسان جي ڌرتيءَ کائيندي به اسان جا ناهن، اهي هميشه سنڌ ڌرتي ۽ سنڌين سان مختلف طريقن ذريعي نفرت جو اظهار ڪندا آهن.

Hydersj 02:00, 17 نومبر 2006 (UTC)

  • ادا اوهان سنڌ جي نالي سان نئون صفحو جوڙي ان ۾ مٿين راءِ لکي هئي. اهو طريقو غلط آهي ان ڪري اوهان جي راءِ هتي رکي وئي آهي. نئون صفحو صرف اهو قابل قبول هوندو جيڪو ڪنهن نئين خبر تي مشتمل هوندو. ڇاڪاڻ ته هي خبرن جو پروجيڪٽ آهي.

Zafar 05:35, 17 نومبر 2006 (UTC)

شاعري

هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي،

جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي.


جو رات رَتي نيلام ڪري ۽ گھور گھڙيون قتلام ڪري

جو ويٺو ٿو وسرام ڪري مون ٽهڪ ڏنا هن توڪل تي.


ٿو دونهون دونهون وگھري آ ۽ ڪرڻو ڪرڻو وکري آ

جو ٽم ٽم ٽم ٽم پڄري آ، پر مير نه آيو مشعل تي.


تو پور بندر سين پانارو، جت لهرون لهرون اجيارو

هت نگر نگر جو وڻجارو اڻ ڪوٺيو ايندو ڦرڦل تي.


ڪجھه تارن جي اوجارن مان، ڪجھه ڪونجن جي اوڏارن تان

ڪجھه گلڙن جي هوٻارن سان هي منڊ منڊيو ٿئون محفل تي.


جت ڏونگر ۾ ٿو ڏينهن ٻڏي ۽ دور دڳن ۾ ڌوڙ اڏي

جت هٿ هٿ ۾ ٿو جام لڏي ڪو جھلجي پو ڪيئن جهلپل تي.


جي سپنا آئي رات کڻي ڏسجان نه وڃن ڇپرن مان ڇڻي

ڪا گھات ملي، ڄڻ بات بڻي، ڪو موڙ نه آڏو منزل تي.


  • مجاهد حسين ميمڻ

((فرق) (تاريخوار) . . N شاعري‏; 03:14 . . (+1,201) . . 193.251.135.126)