افغانستان ۾ ناڪام حملي پٺيان جيڪي ماڻهو ملوث هئا انهن پاڪستاني علائقي وزيرستان ۾ سکيا ورتي، افغان ايجنسي

وڪي اخبار کان

افغانستان انٽليجنس ايجنسي پاڪستان تي الزام مڙهيو آهي ته ڪابل ۾ ناڪام حملي ۾ ملوث دهشتگرد جي سکيا پاڪستاني علائقي وزيرستان ۾ ٿي آهي.

ايجنسيءَ مطابق چار ماڻهو پاڪستاني علائقي وزيرستان کان افغانستان ۾ داخل ٿيا هئا. انهن چئني جي سکيا صادق نوراني گروپ ڪئي هئي.

ايجنسي پاڪستان تي الزام هڻندي چيو ته جڏهن کان طالبان سان ٺاهه ڪيو ويو آهي افغانستان ۾ حملا وڌي ويا آهن، جنگبنديءَ جو مقصد صرف ايترو آهي ته پاڪستان جي فوج تي حملو نه ڪيو وڃي باقي افغانستان تي اهڙن حملن جي کين اجازت هوندي آهي.

ذريعا