بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو هڪ ماڻهو فوت 12 زخمي

وڪي اخبار کان

28 آڪٽوبر 2006

بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪي ۾ هڪ ماڻهو فوت ٿي ويو جڏهن ته 12 کن ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. بم ڌماڪو ڪوئٽا ڇانوڻي ۾ گلوبل سينٽر نالي هڪ عمارت ٻاهران ٿيو.

سرڪاري ذريعن مطابق بم هڪ سائيڪل ۾ لڳايو ويو هو. زخمي ماڻهن کي کي مقامي اسپتال نيو ويو، چيو ويو آهي ته ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ آهي.

ذريعن مطابق اڃا تائين ان بم ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به ڌر قبول نه ڪئي آهي. چيو ويو آهي ته ڌماڪي سان 6 موٽرسائيڪلون ۽ ٽي گاڏيون پڻ مڪمل طور تباهه ٿي ويون.

ذريعا