سريلنڪا جي ڏاکڻي شهر گالي ۾ خودڪش بم حملي جي نتيجي ۾ 16 ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

سريلنڪا جي ڏاکڻي شهر گالي ۾ هڪ خودڪش بم حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن.

ڪجهه ڏينهن اندر سريلنڪا تي تامل ٽائيگرز طرفان اهو ٻيو وڏو حملو هو. ڪجهه وقت جي ماٺار کان پوءِ حملن ۾ وري تيزي اچي وئي آهي.

سريلنڪا جي سرڪار ان خودڪش بم حملي جو ذميوار تامل ٽائيگرز کي ڄاڻايو آهي. جنهن کي دهشتگرد گروپ قرار ڏئي مختلف ملڪن ۾ بندش وڌي وئي هئي.

ذريعا