صدر مشرف لبرل خيالن جو آهي ٻه سال وڌيڪ رهيو ته پاڪستان ۾ حسن جا مقابلا ضرور ٿيندا، سونيا احمد

وڪي اخبار کان

23 نومبر 2006

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ حسن جي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ ۽ پاڪستاني حسينائن جي منتظم سونيا احمد چيو آهي ته صدر جنرل پرويز مشرف لبرل شخص آهي جيڪڏهن هو وڌيڪ ٻه سال حڪومت ۾ رهيو ته پاڪستان ۾ حسن جا مقابلا ضرور ٿيندا.

هن وڌيڪ چيو ته مشرف فرسوده خيال ماڻهن جي گهيري ۾ آهي تنهنڪري هن کي پنهنجا صلاحڪار بدلائڻ کپن.

ٻئي طرف فلپائن ۾ حسن جي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سحر محمود چيو آهي ته پاڪستاني عورتن کي پنهنجي خوبصورتي ڏيکارڻ جو موقعو ملڻ کپي. هن جو چوڻ هو ته ملڪ جي نمائندگي ڪندي کيس فخر محسوس ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مقابلن ۾ جسم جي نمائش ئي ضروري نه آهي بلڪه نوجوان نسل جي تربيت ۽ تعليم جا موقعا پڻ آهن.

سونيا احمد وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ماڊريٽ مسلم اسٽيٽ هجڻ جي دعويداري ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ عورت جي حسن جي مقابلن ۾ شرڪت کي همٿايو ڇو نه ٿو وڃي. سونيا جو چوڻ هو ته کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن پر هو گهٻرائڻ وارن مان نه آهي.

ذريعا