عراق ۾ خودڪش بم حملن جي نتيجي ۾ 35 ماڻهو مارجي ويا، 60 ڄڻا زخمي

وڪي اخبار کان

12 نومبر 2006

اولهه بغداد ۾ هڪ پوليس ڀرتي واري مرڪز تي خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 35 ماڻهو مارجي ويا آهن. جڏهن ته 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿي پيا.

عراق ۾ هڪ بس تي فائرنگ ۾ پڻ 12 ماڻهن جي مرڻ جا اطلاع آهن. ان کان علاوه 50 ماڻهو پڻ اغوا ڪيا ويا آهن.

ان کان اڳ عراق جي شهر بغداد ۾ ٻن ڪار بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 8 ماڻهو مارجي ويا ۽ 38 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻن غيرملڪي فوجي پڻ مارجي ويا هئا.

بغداد جي مختلف علائقن ۾ اغوا ٿيل آمريڪي فوجي جي ڳولا جاري آهي جنهن جي اطلاع ڏيندڙن لاءِ اڳ ئي 50 هزار ڊالرن جي انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ذريعن