همراهه جي فائرنگ ۾ اٺ افغاني شهري مارجي ويا، واقعو ڪنار صوبي ۾ ٿيو

وڪي اخبار کان

20 آڪٽوبر 2006

هڪ همراهه فائرنگ ڪري اٺ افغاني شهرين کي ماري ڇڏيو، واقعو ڪُنار صوبي ۾ پيش آيو. پوليس مطابق مارجي ويل آمريڪي فوجي اداري جي ڪيمپ ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ اُن وقت گهر واپس وڃي رهيا هئا.

قاتل پهريان مقتولن جي ڪار کي بيهاريو ۽ انهن کان ڇهه هزار آمريڪي ڊالر ڦري پوءِ اها ڪاروائي ڪئي، جڏهن ته ٻن ڄڻن اتان فرار ٿي پنهنجي جان بچائي ورتي.

پوليس قاتل کي هٿ نه ڪري سگهي آهي پر چيو ويو آهي ته اها ذاتي دشمني ٿي سگهي ٿي.

ذريعا