هڪ خودڪش بم حملي ۾ 42 پاڪستاني فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

8 نومبر 2006

پاڪستاني صوبي سرحد جي علائقي مالاڪنڊ ڀرسان هڪ خودڪش بم حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 42 پاڪستاني فوجي مارجي ويا آهن جڏهن ته ويهن کان مٿي فوجي زخمي پڻ ٿيا. ڪجهه زخمين جي حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي وئي آهي.

وزير اطلاعات محمد علي دراني مطابق مالاڪنڊ واري خودڪش حملي ۾ مارجي ويلن جو تعداد 42 ٿي ويو آهي، جڏهن ته زخمين مان ڪجهه جي حالت خطرناڪ آهي.

فوج جي ترجمان ميجر جنرل شوڪت سلطان چيو آهي ته اها دهشتگردي واري ڪاروائي هئي لڳي ٿو خودڪش بم حملو ڪيو ويو آهي.

بي بي سي موجب اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته انهن هڪ شخص کي ميدان ۾ جاري فوجي مشق ۾ اندر ويندي ڏٺو جنهن کي سنڌي ٽوپي پاتل هئي. ان شخص جي اندر داخل ٿيڻ سان ئي زوردار ڌماڪو ٿيو.

زخمين کي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. اتي رت ڏيڻ لاءِ پڻ ماڻهو گڏ ٿي ويا آهن. چيو ويو آهي ته اسپتال کي گهيري ۾ آڻي اچ وڃ روڪي وئي آهي.

ياد رهي ته مالاڪنڊ انهيءَ علائقي جي ويجهو آهي جتي گذريل هفتي پاڪستاني فوج هڪ مدرسي تي حملو ڪري 80 ماڻهو ماريا هئا.

ذريعا