پيٽارو ڪاليج انتظاميه طرفان ڳوٺ صفر خاصخيلي تي غيرقانوني قبضي جي جاچ ڪرائي وڃي، پ پ پ

وڪي اخبار کان
فائل:Sindh village.jpg
بلڊوز ڪيل ڳوٺ (فوٽو: عبرت)

11 نومبر 2006

پ پ پ چيو آهي ته پيٽارو ڪاليج انتظاميه طرفان ڳوٺ صفر خاصخيلي تي غيرقانوني قبضي جي جاچ ڪرائي وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪورٽ جي اسٽي آرڊر باوجود ڳوٺاڻن کي زوري لڏايو ويو.

نواب غني ٽالپر وڌيڪ چيو ته ڳوٺ جي 450 ايڪڙ زمين تي بلڊوزر گهمائي گهرن کي پٽ ڪيو ويو جنهنڪري هزارين ڳوٺاڻا متاثر ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس انهن قبضي خورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

پ پ پ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته هاءِ ڪورٽ جي جج کان معاملي جي جاچ ڪرائڻ گهرجي.

ذريعا