آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن ڌمڪي ڏني ته جرم جو اعتراف ڪر نه ته پُٺ ۾ هڪ ٻيو سوراخ ڪنداسين، صلاح الدين

وڪي اخبار کان

26 نومبر 2006

لنڊن جي عدالت ۾ دهشتگردي جي الزام هيٺ آيل هڪ جوابدار صلاح الدين امين عدالت کي ٻڌايو ته کيس تشدد ڪري اعتراف تي مجبور ڪيو ويو.

صلاح الدين جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن چيو ته جرم جو اعتراف ڪر نه ته پُٺ ۾ هڪ ٻيو سوراخ ڪنداسين جنهنڪري مجبور ٿي هن جرم جو اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته مون دهشتگردي جي منصوبه بندي نه ڪئي آهي.

صلاح الدين پنهنجو پاڻ کي اپريل 2004ع ۾ آءِ ايس آءِ حوالي ڪيو جتي هن کي بنا ڪنهن مقدمي جي ڏهه مهينا رکيو ويو جنهن کان پوءِ کيس برطانيه روانو ڪيو ويو. برطانيه پهچندي ئي کيس دهشتگردي جي رٿابندي ڪرڻ جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو هو.

ذريعا