آءِ ايم ايف جو پاڪستان جي بحران بابت اجلاس

وڪي اخبار کان

آءِ ايم ايف جو عالمي بحران بابت اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي..رپورٽ: زبير زرار منگي..

 معاشي بحران جي وَرچڙهيل ملڪن جي سهائتا بابت فيصلا ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي اداري جو اجلاس اڄ  ٿي رهيو آهي، ڊپٽي ايم ڊي، آءِ ايم ايف چيو آهي ته متاثر ملڪن جي مدد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ رقم جي ضرورت پئي ته ميمبر ملڪن سان رابطو ڪيو ويندو.

واشنگٽن مان عالمي مالياتي اداري جي ڊپٽي مَئنجِنگ ڊائريڪٽر جي حوالي سان جاري ٿيل بيان موجب جمعي ڏهاڙي تي رٿيل اجلاس اڄ ٿيندو، جنهن ۾ معاشي بحران کان متاثر ملڪن کي قرض ڏيڻ بابت فيصلا ڪيا ويندا. هُن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ 2 سئو بلين ڊالرز موجود آهن، تنهن باوجود وڌيڪ رقم جي ضرورت پئي ته ميمبرن ملڪن کان مدد ورتي ويندي. ڊپٽي ايم ڊي وڌيڪ چيو ته معاشي بحران جو شڪار ٿيل ملڪن کي قرض ليڪوڊيٽي تحت ڏنا ويندا.