آءِ سي سي ٽرافي، ويسٽ انڊيز انڊيا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

وڪي اخبار کان

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ٽرافي ۾ ويسٽ انڊيز انڊيا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. ٽاس ويسٽ انڊيز کٽي پهريان انڊيا کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني.

انڊيا بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز کي 224 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، ويسٽ انڊيز 7 وڪيٽن جي نقصان تي اسڪور پورو ڪري ورتو.

مين آف دَ ميچ ويسٽ انڊيز جي چندر پال کي 51 رنسون ٺاهڻ سبب ڏنو ويو. انڊيا کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ رهيل آخري ميچ آسٽريليا کان کٽڻ لازمي ٿي پئي آهي.

ذريعا