آئين جو احترام ڪندي اقتدار وقت تي ڇڏي ڏبو، بنگلاديشي وزيراعظم خالده ضياء

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

بنگلاديش جي وزيراعظم خالده ضياء چيو آهي ته آئين جو احترام ڪندي مقرر وقت تي اقتدار ڇڏي ڏبو. ياد رهي ته بنگلاديش جون ايندڙ چونڊون جنوري ۾ ٿيڻيون آهن.

رپورٽ مطابق بنگلاديشي وزيراعظم خالده ضياء چيو ته وٽس آئين جو احترام آهي ۽ هوءَ مقرر وقت تي اقتدار ڇڏيندي. ڇنڇر ڏهاڙي سندس مدو پورو ٿي رهيو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خالده ضياء ۽ مخالف ڌر جي ان جهيڙي سبب اڳ ۾ ئي ٻه ماڻهو ڍاڪا ۾ مارجي ويا آهن جڏهن حڪومت خلاف مظاهرا ڪيا پئي ويا.

ذريعا