آسٽريليا ويسٽ انڊيز کي آساني سان شڪست ڏئي ڪرڪيٽ ٽرافي فائنل کڻي ورتو

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

آءِ سي سي ٽرافي جي فائنل ميچ ۾ آسٽريليا ويسٽ انڊيز کي آساني سان شڪست ڏئي فائنل کٽي ورتي آهي.

ويسٽ انڊيز پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽريليا کي 139 رنسن جو مجموعي ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم برسات پوڻ باوجود مليل ٽارگيٽ آساني سان پورو ڪري ورتو.

سواءِ هڪ ٻن کلاڙين جي ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم جي ڪارڪردگي خراب رهي جنهنڪري آسٽريليا لاءِ وڏو ٽارگيٽ جڙي نه سگهيو. ياد رهي ته آسٽريليا وٽ آءِ سي سي ٽرافي جي ڪمي هئي جيڪا هاڻ پوري ٿي وئي آهي.

ذريعا