آل پارٽيز ڪانفرنس طرفان 10 جنوري تي ٻيٽن جي وڪري خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

وڪي اخبار کان

21 ڊسمبر 2006

آل پارٽيز ڪانفرنس طرفان ڪراچي جي ٻيٽن جي وڪري خلاف 10 جنوري تي احتجاج طور ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ذريعن مطابق آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ فشر فوڪ فورم، پاڪستان پيپلز پارٽي، ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي اڳواڻن سميت مختلف شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 10 جنوري تي سموري سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. اڳواڻن ڪانفرنس دوران چيو ته ٻيٽن جو وڪرو صوبائي معاملن جي خودمختياري خلاف آهي.

ذريعا