آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن ۾ ايوان نمائندگان جي سيٽن ۾ ڊيموڪريٽس کي سرسي

وڪي اخبار کان

8 نومبر 2006

آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن ۾ ايوان نمائندگان جي سيٽن ۾ ڊيموڪريٽس جي اڪثريت ٿي وئي آهي.

ذريعن مطابق تازن چونڊن ۾ ريپبلڪن 12 سالن کان موجود پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺي آهي. عوام جي ان فيصلي کي بش جي پاليسين خلاف ريفرينڊم قرار ڏنو پيو وڃي.

غير حتمي نتيجن مطابق سينيٽ ۾ ريپبلڪن وٽ 39 جڏهن ته ڊيموڪريٽس وٽ 46 سيٽون آهن.

وائٽ هائوس جي اعلان مطابق شڪست قبول ڪندي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ڪاميابي کي قبوليو ويو آهي.

ذريعا