آمريڪا ۾ وچ مدي واريون چونڊون، سمورين رياستن ۾ ووٽنگ لاءِ انتظام مڪمل

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

آمريڪا ۾ اڄ وچ مدي وارين چونڊن لاءِ ووٽ وڌا ويندا، سمورين رياستن ۾ ووٽنگ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

ٻنهي وڏين پارٽين ريپبلڪن پارٽي ۽ ڊيموڪريٽس چونڊن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ تنازعن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانوني ٽيمون جوڙيون آهن.

ذريعن موجب مختلف سروي ڊيموڪريٽس جي حق ۾ آيا آهن. هنن وچ مدي وارين چونڊن ۾ عام سيٽن لاءِ 435، سينيٽ لاءِ 33 سيٽن ۽ 36 رياستن جي گورنرن جي سيٽن لاءِ اميدوارن وچ ۾ مقابلا ٿيندا.

ذريعا