آمريڪا ۾ 33 پاڪستاني گرفتار، انهن کي غير قانوني پرڏيهي هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو

وڪي اخبار کان

16 نومبر 2006

آمريڪا جي مختلف رياستن مان گهٽ ۾ گهٽ 33 پاڪستانين کي غير قانوني پرڏيهي هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. چيو ويو آهي ته ڪل 40 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ورجينيا مان 37 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته 7 ڄڻن کي مختلف رياستن مان گرفتار ڪيو ويو.

انهن جي باري ۾ اهو شڪ پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهي مذهبي انتهاپسندي سان تعلق رکن ٿا. انهن مان ڪيترائي گيس اسٽيشن جا ملازم ۽ ٽيڪسي ڊرائيور ٻڌايا ويا آهن. گرفتار ٿيلن ۾ اڪثريت پاڪستانين جي آهي انهن جو تعداد 33 ٻڌايو ويو آهي.

ذريعن مطابق گرفتار ماڻهن کي آمريڪي قانون موجب غير قانوني طور ملڪ ۾ داخلا ۽ ڏوهن جي الزامن تحت ڪيسن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

ذريعا