آمريڪي سينيٽ ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل نيوڪليئر معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

وڪي اخبار کان

17 نومبر 2006

آمريڪي سينيٽ ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل نيوڪليئر معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب معاهدي جي حمايت ۾ 85 جڏهن ته مخالفت ۾ صرف 12 ووٽ پيا.

آمريڪي ڪانگريس طرفان اهڙي منظوري کان پوءِ ڄڻ ته آمريڪا ڀارت کي ايٽمي طاقت طور تسليم ڪري ورتو آهي. معاهدي جي حامين ان منظوري کي تاريخ ساز قدم قرار ڏنو آهي.

ان معاهدي تي ڏهه ڪلاڪ کن بحث جاري رهڻ بعد ان کي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو. ٻئي طرف ڪجهه سينيٽرن جو خيال آهي ته اهڙي منظوري ايٽمي عدم ڦهلاءَ وارين ڪوشش کي ڇيهو رسائيندي.

منظور ٿيل معاهدي موجب ڀارت هاڻ ڪي به جوهري ڌماڪا نٿو ڪري سگهي. ڀارت پنهنجون سموريون سويلين تنصيبات عالمي ماهرن جي نگراني لاءِ کولڻ جو پابند پڻ ٿي ويو آهي.

ذريعا