آمريڪي فوج هٿان گرفتار ٿيل اڳوڻي عراقي صدر کي عدالتي حڪم تحت ڦاهيءَ جي سزا ڏني وئي

وڪي اخبار کان

30 ڊسمبر 2006

آمريڪي فوج هٿان گرفتار ٿيل اڳوڻي عراقي صدر صدام حسين کي عدالتي حڪم تحت ڦاهيءَ جي سزا ڏني وئي آهي. ڦاهي ڏيڻ جا ڪجهه حصا عراقي ٽي وي تان پڻ نشر ڪيا ويا.

ذريعن وٽان اهو به معلوم ٿيو آهي ته صدام حسين ڦاهيءَ وقت ڪارو نقاب پائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

صدام حسين کي ڦاهي ڏيڻ وقت عراقي حڪومت جو هڪ نمائندو، سني مسلمانن جو هڪ عالم ۽ ڪيمري واري عملي کان علاوه ڪجهه عراقي پڻ موجود هئا.

ذريعا