آمريڪي فوج پاران ويهه ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا، نيوز ايجنسي رائٽر مطابق مارجي ويلن ۾ ڇهه ٻار ۽ چار عورتون پڻ شامل هيون
ڏيک
8 ڊسمبر 2006
عراق ۾ آمريڪي فوج جي دعوا مطابق ويهه ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي جڏهن ته برطانيه جي نيوز ايجنسي رائٽر مطابق مارجي ويلن ۾ ڇهه ٻار ۽ چار عورتون شامل آهن.
آمريڪي فوجي ذريعن مطابق عراق جي ٿرٿر واري علائقي ۾ فوجي قافلي تي حملو ڪيو ويو جنهن بعد هوائي فوج ان علائقي تي بمباري ڪري ڏني جنهن ۾ القائده جا ويهه ويڙهاڪ مارجي ويا.
عراقي پوليس جي ذريعن مطابق بغداد کان نوي ڪلوميٽر پري اساقي ۾ آمريڪي هوائي حملي جي نتيجي ۾ 32 ماڻهو مارجي ويا. شهر جي ميئر مطابق اتي ٻن گهرن کي نشانو بڻايو ويو.