آمريڪي فوج ۽ ويڙهاڪن جي جهڙپ ۾ پنج ڇوڪريون مارجي ويون، واقعو عراقي صوبي انبار ۾ پيش آيو

وڪي اخبار کان

29 نومبر 2006

آمريڪي فوج ۽ ويڙهاڪن وچ ۾ ٿيل هڪ جهڙپ دوران پنج عراقي ڇوڪريون مارجي ويون آهن. ساڳئي واقعي ۾ هڪ ماڻهو جي فوت ٿيڻ ۽ هڪ عورت جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن.

ذريعن موجب مارجي ويل ڇوڪرين ۾ هڪ ٻارڙي پڻ شامل هئي جنهن جي عمر ڇهه مهينا ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته ٻيون ڇوڪريون پڻ ڏهن سالن کان ننڍي عمر جون هيون.

واقعو بغداد کان 115 ڪلوميٽر اولهه طرف عراقي صوبي انبار جي شهر رمادي ۾ پيش آيو جتي سني ويڙهاڪن جي اڪثريت آهي.

ذريعا