آمريڪي چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن

وڪي اخبار کان

آمريڪي صدارتي چونڊون ۽ اميدوار...رپورٽ: زبير زرار منگي..

آمريڪي چونڊون__________زبير زرار منگي امريڪا ۾ اڄ صدارتي چونڊون آخري مرحلي ۾ پهچي چڪيون آهن، صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن پارٽي جي اميدوارن براڪ اوباما ۽ جان مڪين وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي، پري ووٽنگ جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد اڄ جنرل پولنگ ٿي رهي آهي. امريڪا جون صدارتي چونڊون هميشه جنگين جي بنياد تي کٽيون وينديون آهن پر هن ڀيري معاشي بحران سبب امريڪي سخت پريشان آهن ۽ هينئر ووٽ ڏيڻ تي دلچسپي جو نقطو معاشي پاليسيون آهن.

          امريڪا جي صدارتي چونڊن جي ڊوڙ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران براڪ اوباما کي صدارت جو اميدوار جڏهن ته جوزف بائيڊن کي نائب صدارت جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف صدر بش جي صورت ۾ 8 سال مسلسل اقتدار ۾ رهندڙ ريپبلڪن پارٽي صدارت جي عهدي لاءِ جان مڪين ۽ سارا پيلن کي نائب صدار طور نامزد ڪيو آهي.

امريڪي چونڊن ۾ بيهندڙ اميدوارن تي هڪ نظر وجهبي ته صدارت لاءِ نامزد ڪيل اميدوار افريڪي نسل جو ڪاري چمڙيءَ وارو امريڪي شهري بارڪ اوباما هڪ مسلمان حسين اوباما جي گهر امريڪي رياست هوائي ۾ پيدا ٿيو، سندس نالو براڪ حسين اوباما رکيو ويو، سندس پيءُ ڪينيا سان واسطو رکندڙ هو، جيڪو اعليٰ تعليم لاءِ هُوائي يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ تي پڙهڻ آيو هو، سندس پيءُ ۽ ماءُ ۾ طلاق ٿيڻ کانپوءِ اوباما پنهنجي والده سان گڏ امريڪا ۽ ڪجهه عرصي لاءِ ويڳي پيءُ سان انڊونيشيا ۾ رهيو.

براڪ حسين اوباما ڪولمبيا يونيورسٽي ۽ هار ورڊ يونيورسٽي لا اسڪول ۾ تعيلم حاصل ڪئي ۽ هار ورڊ يونيورسٽي ۾ هار ورڊ لا ِريوِيو جو پهريون سياح فام امريڪي صدر بڻيو.
هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات شڪاگو ۾ سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪئي ۽ پوءِ وڪيل طور ڪم ڪيو، جتي هن عيسائي مذهب سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ هڪ ڪاري نسل جي مشيل رابنسن جيڪا پڻ وڪيل هئي سان شادي ڪئي، ان مان کيس ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي.
براڪ اوباما گهٽ ڳالهائيندڙ، ذهين ۽ تقريربازي ۾ تمام گهڻي مهارت رکندڙ شخصيت آهي.هي 8 سالن تائين الينوائي جي سياست ۾ سرگرم رهيو ۽ 47 سالن جي براڪ اوباما 2004 دوران نيشنل ڊيموڪريٽڪ ڪنوينشن ۾ هڪ پرجوش تقرير ڪئي، جتان کيس ملڪي ۽ عالمي شهرت ملي ۽  2004 ۾ امريڪي  سينيٽ جو ميمبر پڻ بڻيو.

براڪ اوباما گذريل سال سائوٿ ڪيرولينا ۾ آمريڪي صدارتي نامزدگي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جتي سندس جلسي ۾ 30 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. صدارتي چونڊن لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نامزدگي حاصل ڪرڻ لاءِ براڪ اوباما آمريڪا جي اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن جي گهرواري ۽ سينيٽر هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏئي صدارتي ڊوڙ ۾ شامل ٿيو، سندس صدر ٿيڻ سان کيس پهرين ڪاري نسل جي صدر هئڻ جو اعزاز حاصل ٿيندو. براڪ اوباما جي ۽ هيلري ۽ بل ڪلنٽن سميت بش انتظاميا جي اڳوڻي بچاءَ واري وزير رمسلفيڊ سميت ٻياڪيترائي عملدار حمايت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪي سياح فام ۽ سفيد فام به سندس حمايت ڪري رهيا آهن. براڪ اوباما پنهنجي مخالف اميدوار جان مڪين کان پري پولنگ ۾ ڪيترن ئي پوائنٽن تان اڪثريت حاصل ڪئي آهي. براڪ اوباما نائب صدر لاءِ پرڏيهي معاملن ۾ مهارت رکندڙ سينيٽر جوزف بائڊن کي نامزد ڪيو آهي. جوزف بائڊن آمريڪا جي مزدور طبقي سان واسطو رکي ٿو ۽ هو پرڏيهي معاملن ۾ پڻ مهارت رکي ٿو. 65 سالن جو جوزف بائڊن 30 سالن کان آمريڪي سياست ۾ سرگرم آهي، 1972ع ۾ رياست ڊيلا ويئر مان آمريڪي سينيٽ جو ميمبر چونڊيو. جوزف بائڊن پرڏيهي معاملن ۾ مهارت سبب سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جو 3 دفعا صدر رهي چڪو آهي ۽ نائب صدارت لاءِ سندس چونڊ به ان بنياد تي ڪئي وئي آهي. آمريڪا جي ريپبلڪن پارٽي پاران نامزد ڪيل جان مڪين کي جنگ جو هيرو ۽ آزاد خيال سياسي اڳواڻ طور سڃاتو ويندو آهي. جان مڪين ويٽنام جنگ جو ماهر ڄاتو ويندو آهي، جنهن ويٽنام جنگ دوران 5 سال جنگي قيدي جي حيثيت سان جيل ۾ گهاريا. جان مڪين آمريڪي بحريه جي آفيسر مڪين جو پٽ آهي، هو نيول اڪيڊمي جو گريجوئيٽ آهي ۽ 22 ورهين جي عمر ۾ نيوي جي پائليٽ جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. 1966ع جي ويٽنام جنگ دوران بمبار جهاز اڏائڻ لاءِ نڪري رهيو هو ته ٻارڻ جي ٽانڪي تي ميزائيل لڳڻ ڪري جهاز ۾ باهه لڳي وئي ۽ 134 فوجي مارجي ويا پر جان مڪين بچي ويو. 3 مهينن کان پوءِ اتر ويٽنام ۾ سندس جهاز کي ڪيرايو ويو ۽ کيس ويٽنامي فوجين قيدي بڻائي ورتو، کيس پنجن سالن تائين جيل ۾ رکي مٿس ٽارچر ڪيو ويو، آمريڪا واپسي تي ان وقت جي صدر رچرڊ نڪسن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، جنهن بعد کيس سينيٽ ۾ نيوي جي ليزين آفيسر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو ۽ هو 1981ع ۾ رٽائر ٿيو. جان مڪين پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 1982ع ۾ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن کان ڪئي ۽ ايريزونا رياست جو سينيٽر چونڊجي ويو. جان مڪين پرڏيهي پاليسي ۽ فوجي معاملن ۾ به کليل موقف رکندڙ شخصيت آهي ۽ عراق جنگ جو وڏو حامي آهي، سندس چوڻ آهي ته عراق جنگ کٽي سگهجي ٿي، جنهن لاءِ عراق ۾ وڌيڪ فوج موڪلڻ جي ضرورت آهي. هن عراق جنگ جي حوالي سان صدر بش ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير ڊونالڊ رمسفيلڊ تي شديد تنقيد ڪئي هئي. جان مڪين ڪيترن ئي حڪومتي پاليسين جو سخت مخالف آهي، جن ۾ هم جنس پرستي، حمل واري قانون ۽ امريگيشن پاليسي تي سندس خيال مختلف آهن. جان مڪين پنهنجي نائب صدر لاءِ سارا پيلن کي چونڊيو. 40 سالن جي سارا پيلن 1987ع ۾ اداهو يونيورسٽي مان صحافت ۽ سياست جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات صحافڻ طور ڪئي ۽ هوءَ ٽي وي تي راندين جون خبرون پڙهندي هئي، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي شهر ۾ ٿيندڙ حسن جي مقابلي ۾ سونهن راڻي طور ڪاميابي حاصل ڪئي. سارا پيلن 1996ع ۾ وسيلا شهر جي ڪائونسل جي ميمبر چونڊي ۽ 2002ع ۾ ان ئي شهر جي ميئر چونڊجي وئي، سارا پيلن کي 2006ع ۾ الاسڪا جي پهرين ۽ گهٽ عمر واري گورنر هئڻ جو اعزاز حاصل آهي، سارا پيلن بندوق هلائڻ ۽ مڇي پڪڙڻ ۾ تمام گهڻي مهارت رکي ٿي. سارا پالن نيشنل رائيفل ايسوسيئيشن جي تاحيات ميمبر ۽ الاسڪا نيشنل گارڊ جي سربراهه آهي. هن 24 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي ۽ کيس پنجن ٻارن جو اولاد آهي ،هوءَ مضبوط سماجي ۽ قدامت پسند روين سبب سڃاتي وڃي ٿي، جڏهن ته هوءَ رشوت وٺڻ واري عمل جي سخت مخالف آهي ۽ 2003ع ۾ الاسڪا جي تيل ۽ گئس ڪميشن بابت جاچ ڪرائڻ جو مثال پيش ڪيو پيو وڃي، ٻئي طرف مٿس الاسڪا جي گورنر جي حيثيت ۾ ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت انڪوائري پڻ هلي رهي آهي. سارا پيلن تي هڪ تنقيد اها به ڪئي وڃي ٿي ته هن پرڏيهي ملڪن جو تمام گهٽ سفر ڪيو آهي ۽ هوءَ صرف ڪئنيڊا، ڪويت ۽ جرمني جو دورو ڪري سگهي آهي. هاڻي ڏسڻو ان ڳالهه کي آهي ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ براڪ اوباما ڪامياب ٿئي ٿو يا جان مڪين ڪامياب ٿي وائيٽ هائوس تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. دنيا جو سپر پاور آمريڪا هينئر معاشي بحران جو شڪار آهي، جنهن سبب دنيا جا اسرندڙ ملڪ متاثر ٿي رهيا آهن، پر اسريل ملڪن جي معيشت تي پڻ ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. آمريڪي توڙي دنيا جي عوام جون نظرون نئين آمريڪي صدر تي کتل آهن، ته جيئن سپر پاور جا اختيار رکندڙ آمريڪا جو نئون صدر دنيا مان جنگ، بک، بدحالي ۽ معاشي بحران کي حل ڪرڻ جون پاليسيون جوڙي بحرانن جو خاتمو آڻي سگهي.