آمريڪي گن شپ هيليڪاپٽر پاڪستاني علائقي جي اندر داخل ٿي ويا، ذريعن جي دعوا
Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو
پاڪستاني علائقي وزيرستان جي شهر لارا منڊي وٽ ٽي آمريڪي گن شپ هيليڪاپٽر داخل ٿي ويا، اهي ان وقت داخل ٿيا جڏهن ويڙهاڪن اتحادين تي پاڪستاني بارڊر ڀرسان حملو ڪيو.
آمريڪي هيليڪاپٽر ڇهه کان وڌيڪ ڀيرا پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪري چڪا آهن. جڏهن ته هن وقت تائين پاڪستاني فورسز ڪوبه ردعمل نه ڪيو آهي. اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهي هيليڪاپٽر ڪٿان اُڏاڻا.
ٻئي طرف آمريڪي ۽ نيٽو جي ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن کي مليٽري ايڪشن ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي، ان ڪري ضروري نه آهي ته اسلام آباد وٽان صلاح ورتي وڃي.