ابراهيم جويو جي صدارت ۾ سنڌ قومي اتحاد جو اجلاس، اتحاد کي متحرڪ بنائڻ جو فيصلو

وڪي اخبار کان

25 نومبر 2006

سنڌ قومي اتحاد جو هڪ اجلاس سنڌ جي جهوني دانشور محمد ابراهيم جويو جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ قومي اتحاد کي فعال ۽ متحرڪ بنايو ويندو.

اجلاس ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، گل محمد جکراڻي، حسين بخش ٿيٻي، ايوب شر، نذير ميمڻ، حميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي ۽ نندلال مالهي شرڪت ڪئي.

چيو ويو آهي ته سنڌ جي موجوده صورتحال ۾ اتحاد جي ضرورت اڳي کان گهڻي آهي تنهنڪري ان کي وڌيڪ متحرڪ بنايو ويندو. اجلاس دوران شرڪت نه ڪندڙ پارٽين جي شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ويئي جيڪا مذڪوره پارٽين سان الڳ الڳ گڏجاڻي ڪندي.

اجلاس ۾ ٻيٽن کي غيرملڪي ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم سميت ٻين ڊيمن جي اڏاوت جي مذمت ڪندي اهڙن عملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.

ذريعا