اتر جپان ۾ طوفان سبب 9 ماڻهو فوت، ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

اتر جپان ۾ تيز طوفان سبب 9 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

اتر جپان ۾ طوفان سبب سروما جو علائقو متاثر ٿيو آهي. چيو ويو آهي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي طور اسپتالن ڏانهن روانا ٿيڻ سبب فوتين يا زخمين بابت تصديف شده اطلاع نه آهن.

ذريعن موجب ڪيترائي ماڻهو لاپته پڻ ٿي ويا آهن. ٽي وي تي ڏيکاريل فوٽن مطابق ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پيا آهن.

ذريعا