اتر ڪولمبيا ۾ پوليس اسٽيشن تي کاٻي ڌر جي گوريلن جو حملو، 29 ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

خبرن مطابق اتر ڪولمبيا جي هڪ پوليس اسٽيشن تي کاٻي ڌر جي گوريلن هڪ حملو ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 29 ماڻهو مارجي ويا آهن. ان حملي کي وڏي ۾ وڏو حملو سڏيو ويو آهي.

چيو ويو آهي ته مارجي ويلن ۾ 17 پوليس آفيسر، 11 ويڙهاڪ ۽ 2 شهري شامل آهن جڏهن ته هڪ شهري زخمي پڻ شامل آهي. پوليس اسٽيشن تي 150 گوريلن حملو ڪيو ان وقت پوليس اسٽيشن ۾ 70 پوليس آفيسر موجود هئا.

ذريعا