اختر مينگل جي نظربندي خلاف ڪوئٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جو مظاهرو، ڪيترائي گرفتار

وڪي اخبار کان

1 ڊسمبر 2006

بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه اختر مينگل جي نظربندي خلاف احتجاجي مظاهري دوران ڪيترين ئي گاڏين کي باه ڏئي ساڙيو ويو، پوليس شيلنگ ڪري ڏني ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.

ذريعن موجب بي اين پي جي مرڪزي اڳواڻ ساجد ترين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪارڪنن سرياب روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. بعد ۾ پوليس 33 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو.

اڳواڻن ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته لانگ مارچ اسان جو جمهوري حق آهي حڪومت ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي ۽ سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه اختر مينگل جي نظربندي خلاف بلوچستان جي ٻين شهرن مان پڻ احتجاج ۽ گرفتارين جا اطلاع آهن.

ذريعا

روزانه هلچل حيدرآباد