ارجن حاسد سان سنڌو ڪلاڪار منڊل پارن شام ملهائي وئي

وڪي اخبار کان

سنڌو ڪلاڪار منڊل پاران سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر جناب ارجن حاسد سان شام ملهائي وئي. پروگرام جي صدارت جناب موتي پرڪاش ڪئي جڏهن ته ڪيترن ئي ادب شناسن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ ديا لال چنداڻي، گهنشام ساگر، موتي رام رامچنداڻي ”باغي“، جگديش شهدادپوري، ڪشن خوبچنداڻي، واسديو موهي ۽ ٻيا شامل هئا.

ان موقعي تي ارجن حاسد چيو ته هو اردو جي شاعري کان تمام گهڻو متاثر آهي، ساحر لڌيانوي، ڪيفي اعظمي ۽ ٻيا اردو جا تمام سٺا شاعر رهيا آهن. هن چيو ته شاعري سمجهڻ لاءِ نه پر تفريح لاءِ هوندي آهي. شاعري جون پنهنجون وصفون ۽ تشريحات آهن جيئن ڪنهن ٻي آرٽ ۾ ٿي سگهن ٿيون.

ياد رهي ته ارجن حاسد جي جنم ڀومي ڪراچي شهر آهي جتي هو 7 جنوري 1930ع ۾ ڄائو. انڊيا لڏي وڃڻ کان پوءِ هن شاعري جي شروعات ڪئي، هن وقت تائين هن جا پنج ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

حوالا