اردن ۾ بش ۽ المالڪي وچ ۾ ملاقات، عراق کي نه ورهائڻ تي ٻئي اڳواڻ متفق

وڪي اخبار کان

1 ڊسمبر 2006

آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش ۽ عراقي وزيراعظم نوري المالڪي وچ ۾ ملاقات ٿي گذري جنهن ۾ ٻئي اڳواڻ ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته عراق کي نه ورهايو ويندو.

اردن ۾ ملاقات دوران اهم ڳالهين بعد عراق کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ واري تجويز کي متفقه طور رد ڪيو ويو آهي. ان ڳالهه جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن عراق کي ورهايو ويو ته تشدد وڌي سگهي ٿو.

شيعه اڳواڻ مقتدالصدر ان ملاقات جي مخالفت ڪئي هئي، مذڪوره ملاقات ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي. ملاقات بعد پريس ڪانفرنس دوران بش کي ڪيترن ئي سوالن کي منهن ڏيڻو پيو. بش سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته آمريڪي فوج ان وقت تائين عراق ۾ رهندي جيستائين ان جو مشن مڪمل نٿو ٿي وڃي.

ذريعا