اسامه بن لادن جي ڳولا لاءِ آمريڪي فوجين کي پاڪستان جي اندر موڪلي سگهجي ٿو، بش

وڪي اخبار کان

آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش چيو آهي ته اسامه بن لادن جي ڳولا لاءِ آمرڪي فوجين کي پاڪستان جي علائقن اندر داخل ڪري سگهجي ٿو. اهڙو اظهار صدر بش سي اين اين سان ڳالهائيندي ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ان کان انڪار ڪيو آهي پر ضرورت پئي ته ائين ڪري سگهجي ٿو.

پاڪستاني حدن ۾ اهڙو حملو جنوري ڌاري به ٿي چڪو آهي جنهن ۾ اسامه جي موجودگيءَ جي شڪ تي اهڙو حملو ڪيو ويو.

بش پنهنجي انٽرويو دوارن چيو ته اسامه بن لادن جا حامي 3 هزار آمريڪين کي ماري چڪا آهن. انهن کي طالبان حڪومت افغانستان ۾ پناهه ڏني هئي جتي ويهي بن لادن آمريڪا تي حملن جي پلاننگ ڪئي.

ٻئي طرف ونزيلين صدر هگو شاوز چيو آهي ته بش هڪ شيطان آهي هن گڏيل قومن ۾ ائين خطاب ڪيو ڄڻ هو سڄي دنيا جو مالڪ هجي.

ذريعا