اسامه بن لادن پاڪستان ۽ افغانستان بارڊر ڀرسان ڪٿي لڪل آهي، افغان صدر حامد ڪارزئي

وڪي اخبار کان

18 نومبر 2006

افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته اسامه بن لادن پاڪستان ۽ افغانستان بارڊر ڀرسان ڪٿي موجود آهي. اها ڳالهه هن نيودهلي ۾ گڏيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي.

افغان صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هو فرار نه ٿي ويو آهي ته پوءِ پڪ انهن ئي علائقن ۾ موجود آهي. هن وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته حامد ڪارزئي هميشه دعوا ڪندو رهيو آهي ته اسامه کي پاڪستان جي بارڊر اندر ڪنهن ڳوٺ ۾ پناه ڏني وئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته کيس خبر آهي ته هو اسلام آباد يا نيو دهلي جي باري ۾ ڇا چئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ڪابل جا ويجها دوست آهن.

ذريعا