استادن جي ڀرتي ميرٽ تي ٿيندي: سنڌ حڪومت جي عالمي بئنڪ کي خاطري

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر جا ذريعا يا حوالا ۽ ڪابه ڪيٽگري لکيل نه آهي، خبر جا ذريعا ۽ ڪيٽگري لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو.


سنڌ حڪومت عالمي بئنڪ کي خاطري ڪرائي آهي ته استادن جون ڀرتيون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وينديون. ضلعي سطح تي اي ڊي اوز ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪيا ويندا. اهڙي خاطري سنڌ جي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان عالمي بئنڪ جي وفد کي ڪرائي.

عالمي بئنڪ جي هڪ وفد سنڌ ۾ 14 کان 16 آڪٽوبر 2006ع تائين سنڌ حڪومت پاران تعليم کاتي ۾ عالمي بئنڪ جي مالي سهڪار سان آندل سڌارن بابت مکيه شعبن جي حوالي سان ڪيل اڳڀرائي بابت جائزو ورتو. عالمي بئنڪ پنهنجي ترقياتي پاليسين جي حوالي سان اهڙن سڌارن جي شروعات پنجاب ۾ ڪري چڪي آهي.

سنڌ جي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان گڏجاڻي جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت پاران ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقياتي) ناڻي، تعليم، عملدرآمد ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن جي سيڪريٽرين ۽ ريفارم سپورٽ يونٽ جي عملدارن جڏهن ته عالمي بئنڪ جي رياستي ڊائريڪٽر مسٽر جان وال، پروگرام ٽاسڪ ليڊر مس ريمانيئر، سينئر اڪنامسٽ ڊاڪٽر حميد مختيار ۽ وفد جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.