اسرائيلي فوجي ڪاروائي ۾ غزه جا 7 فلسطيني مارجي ويا، هڪ عورت طرفان خودڪش حملي جي ڪوشش

وڪي اخبار کان

23 نومبر 2006

اسرائيلي فوج غزه ۾ ڪاروائي ڪندي 7 فلسطينين کي ماري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ويڙهاڪن جو هڪ اهم ڪمانڊر به شامل آهي. جڏهن ته هڪ 57 سالن جي عورت خودڪش حملي جي ڪوشش پڻ ڪئي.

غزه جي اترئين علائقي ۾ ڪاروائي دوران اهي ماڻهو ماريا ويا. جڏهن فوجين ڪاروائي ڪندي هڪ گرنيڊ اڇلايو ته هڪ عورت ان کي کڻي ورتو ۽ پنهنجو پاڻ کي ماري وڌائين جنهن ۾ ٽي اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا.

ٻئي طرف حماس حملي جي ذميواري قبوليندي خودڪش حملو ڪندڙ عورت جو نالو فاطمه ال نجار ظاهر ڪيو آهي. ان عورت جي خاندان جو چوڻ آهي ته ان حمله آور عورت جا 9 ٻار آهن ۽ هوءَ 30 ٻارن جي ناني ڏاڏي آهي. هن کي پهرين ڏاڏي حمله آور عورت طور ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعا