اسرائيل خلاف قرارداد ويٽو ڪرڻ تي عرب ملڪن طرفان آمريڪا تي سخت تنقيد

وڪي اخبار کان

12 نومبر 2006

آمريڪا طرفان اسرائيل خلاف سلامتي ڪائونسل ۾ قرارداد ويٽو ڪرڻ تي عرب ملڪن آمريڪا تي سخت تنقيد ڪئي آهي. عرب ملڪن اسرائيل طرفان غزه تي ٿيندڙ حملن جي پڻ مذمت ڪئي آهي.

اقوام متحده ۾ آمريڪا جي سفير جان بولٽن مسودي کي غيرموزون قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. ذريعن مطابق اڪثر عرب ملڪن آمريڪا جي ان عمل جي مذمت ڪئي آهي.

ذريعا