اسرائيل سان سنجيده ڳالهيون هلندڙ آهن، حزب الله اڳواڻ شيخ حسن نصرالله

وڪي اخبار کان

1 نومبر 2006

حزب الله جي سربراه شيخ حسن نصرالله چيو آهي ته اسرائيل سان قيدين جي مٽاسٽا بابت ڳالهيون هلندڙ آهن. هن اها ڳالهه هڪ ٽي وي تي چئي آهي.

حزب الله اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳالهين لاءِ اهم ڪردار اقوام متحده ادا ڪيو آهي جنهنڪري اسرائيل سان ڳالهيون ممڪن ٿيون آهن. چيو ويو آهي ته ڳالهيون شرطن ۽ تجويزن جي مرحلي تي آهن.

ٻئي طرف اسرائيل ان حوالي سان ڪابه وضاحت نه ڪئي آهي.

ذريعا