اسرائيل طرفان حزب الله خلاف ڪاروائين ۾ فاسفورس بمن جي استعمال جو اعتراف

وڪي اخبار کان

23 آڪٽوبر 2006

اسرائيل حزب الله خلاف ڪاروائين ۾ فاسفورس بمن جي استعمال جو اعتراف ڪيو آهي. اهي بم لبنان تي حملي دوران استعمال ڪيا ويا.

اسرائيلي ذريعن مطابق اهي بم کليل ميدانن ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي ڪيرايا ويا. ان کان اڳ چيو پئي ويو ته اهي بم فقط نشاندهيءَ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا.

ياد رهي ته فاسفورس بمن سان انساني جلد سڙي ويندي آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف ٿيندي آهي.

جنيوا ڪنونشن جي ٽئين پروٽوڪول مطابق اهي بم استعمال نٿا ڪري سگهجن، جنهن تي آمريڪا ۽ اسرائيل صحيح نه ڪئي هئي. آمريڪا اهڙا بم عراق ۾ استعمال ڪري چڪو آهي.

ذريعا