اسلام آباد جي زيرو پوائنٽ وٽان ٻه ٻيا راڪيٽ برآمد، راڪيٽ ناڪاره ڪيا ويا

وڪي اخبار کان

اسلام آباد جي علائقي زيرو پوائنٽ وٽان ٻه ٻيا راڪيٽ هٿ ڪيا ويا آهن، ٻنهي راڪيٽن کي ناڪاره بنايو ويو. گذريل ڏهاڙي پڻ اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي بلڊنگ وٽان ٻه راڪيٽ هٿ آيا هئا.

ذريعن مطابق اهو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهي راڪيٽ ڀرسان موجود آءِ ايس آءِ جي آفيس کي نشانو بنائڻ لاءِ آندا ويا هجن.

ياد رهي ته پنجين آڪٽوبر واري واقعي کان پوءِ پوليس ڪجهه ماڻهن کي پڇا ڳڇا لاءِ گرفتار ڪري ورتو هو.

ذريعا