اسلام آباد ۾ سينئر صحافي قتل، کيس پٿر هڻي قتل ڪيو ويو

وڪي اخبار کان

1 نومبر 2006

اسلام آباد ۾ هڪ سينئر صحافي ۽ پ پ آءِ جي بيورو چيف ملڪ محمد اسماعيل کي نامعلوم ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو.

قاتلن پٿر يا ڪنهن تيز ڌار واري اوزار جو استعمال ڪيو. مقتول جي چهري تي اهڙي قسم جا نشان هئا. اهو واقعو رات جو دير سان پيش آيو.

ملڪ اسماعيل جي عمر 53 سال هئي ۽ سندس گهر صوبي پنجاب جي شهر اٽڪ ۾ آهي. مقتول جي واسطيدارن مطابق مرحوم ڪجهه وقت اڳ پنهنجي خاندان کي اسلام آباد کان اٽڪ منتقل ڪيو هو.

ذريعا