اسلام ۽ مسلمانن جي مبينه توهين تي مشتمل نئون ڪارٽون تنازعو

وڪي اخبار کان

ڊينمارڪ جي ٽي وي چينل تي ڊينش پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي اهڙا ڪارٽون ٺاهيندي ڏيکاريو ويو آهي جن سان مبينه طور اسلام جي توهين ٿئي ٿي.

ڊينمارڪ جي وزيراعظم هڪ سال اڳ واري ڪارٽون تنازعي سبب بچاءُ لاءِ هن ڀيري ڊينش پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته سموري ميڊيا کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي ۽ سمجهڻ گهرجي ته مذڪوره ڪارٽون ٺاهڻ وارا اسلام يا مسلمانن جي نمائندگي نٿا ڪن.

ايران ان عمل جي مذمت ڪندي ڊينمارڪ جي حڪومت کي چيو آهي ته ڊينمارڪ ۾ اهڙيون ڌريون آهن جيڪي ڊينمارڪ جا تعلقات اسلامي ملڪن ۽ مسلمانن سان خراب ڪرڻ چاهين ٿيون.

ذريعا

ڈنمارک میں پِھر کارٹون تنازعہ