اغوا ٿيل جيڪب آباد واسي ٻه ڄڻا بازياب

وڪي اخبار کان

ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل جيڪب آباد واسي 2 ڄڻا بازياب: زبير منگي

بلوچستان جي علائقي ڊيرا مراد جمالي مان اغوا ٿيل جيڪب آباد جا 2 رهواسي بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن. 10 ڏينهن اڳ واڍڪو ڪم ڪندڙ ڳوٺ احمد ميان سومرو جا رهواسي 2 نوجوان جاويد ۽ غلام سرور سومرو ڊيرا مراد جمالي کان جيڪب آباد ايندي رستي مان هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويا هئا. هٿياربندن فون تي نوجوان جي وارثن سان رابطو ڪري کانئن 10 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو. سندن وارثن جو چوڻ هو ته هو 3 ويلا کائڻ جي وصيت نٿا رکن، ان ڪري هو 10 لک رپيا ڀنگ نٿا ڀري سگهن. مغوي نوجوانن جي بازيابي لاءِ محمد ميان سومرو سميت ڪيترائي بااثر ماڻهو سرگرم ٿي ويا هئا، جن تر جي مختلف وڏيرن ۽ سردارن سان رابطو ڪيو. اڄ صبح مغوي نوجوانن کي هٿياربندن موٽرسائيڪل تي چاڙهي سندن اکيون ٻڌي ڳوٺ احمد ميان سومرو جي ٻاهران ڪوئيٽا روڊ تي ڇڏيو. ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي نوجوانن ٻڌايو ته هو بنا ڀنگ ڀرڻ جي بازياب ٿيا آهن. هنن چيو ته ڌاڙيلن پنهنجي طرفان جاچ ڪئي، جنهن ۾ کين معلوم ٿيو ته هي غريب آهن، ان ڪري کين ڇڏيو ويو.