افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي پاران هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي طالبان جي مدد جو الزام
ڏيک
13 ڊسمبر 2006
افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي پاڪستان تي الزام هنيو آهي ته پاڪستان طالبان جي دهشتگردن کي مدد فراهم ڪري رهيو آهي. جنهنڪري افغانستان ۾ امن جي حاصلات ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.
حامد ڪارزئي چيو ته خطي ۾ امن جو دارومدار افغانستان تي آهي جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون بهتري طرف نه ويون ته اهو سموري خطي لاءِ خراب هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪي افغانستان ۾ دهشتگردي کي همٿائي رهيا آهن انهن سان به ساڳيون حالتون پيش اچي سگهن ٿيون.