افغانستان جي هوٽل ۾ بم ڌماڪو ست ماڻهو مارجي ويا، ٻئي طرف 57 ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا

وڪي اخبار کان

26 نومبر 2006

افغانستان جي هڪ هوٽل ۾ بم ڌماڪو ست ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف 57 ويڙهاڪن کي مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي.

اهو بم حملو پڪتڪيا صوبي جي ضلعي ارگن ۾ ٿيو جيڪو علائقو پاڪستاني بارڊر جي ويجهو آهي. چيو ويو آهي ته مارجي ويلن ۾ عام شهري شامل آهن.

ٻئي طرف نيٽو فورسز جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته ارگن جي مختلف علائقن ۾ 57 ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي. انهن جهڙپن ۾ هڪ نيٽو فوجي پڻ مارجي ويو.

ذريعا