افغانستان مان 18 لاش اُتر وزيرستان آندا ويا، اڪثريت نوجوانن جي آهي

وڪي اخبار کان

22 آڪٽوبر 2006

افغانستان مان اُتر وزيرستان ڏانهن 18 لاش آندا ويا آهن جنهن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي. انهن مان پندرهن لاش اهڙن نوجوانن جا آهن جن جون عمريون 15 کان 25 سالن جون آهن.

ذريعن مطابق لاشن جي سڃاڻپ تمام ڏکي ٿي ڇاڪاڻ ته لاشن جي حالت انتهائي خراب ٻڌائي وئي آهي.

ميران شاهه جي مقامي ذريعي مطابق اهي لاش انهن نوجوانن جا آهن جيڪي تازو طالبان تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ افغانستان روانا ٿيا هئا.

ٻڌايو ويو آهي ته انهن پهريان اتحادي فوج تي حملو ڪري کين گهڻو نقصان پهچايو پر بعد ۾ جڏهن اهي واپس اچي رهيا هئا ته اتحادي فوج جي هوائي حملي ۾ مارجي ويا.

ياد رهي ته ڪجهه زخمين کي پڻ آندو ويو آهي، مقامي مذهبي ڌرين اعلان ڪيو آهي ته عيد سادگي سان ملهائي ويندي.

ذريعا